تذڪره لطفي

تذڪره لطفي (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب ٽن جلدن ۾ پروفيسر لطف الله بدويءَ جو لکيل آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو هڪ جامع ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ سان گڏ، سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي تاريخ به لکيل آهي. مصنف پروفيسر لطف الله بدويءَ هن ڪتاب ۾ نهايت سهڻي پيرايي ۾ سنڌ جي تاريخ جو پس منظر به ڏنو آهي. ڪتاب جو انداز بيان روايتي آهي. هيءُ ڪتاب ٽن جلدن ۾ ترتيب وار 1943ع، 1946ع ۽ 1953ع ۾ شايع ٿيو. ڪرائون سائيز جي پهرئين جلد ۾ 320 صفحا آهن ۽ قيمت 3 رپيا 8 آنا آهي، ان جو ڇاپو پهريون، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد، سال 1955ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو سال 1963ع ۾ شايع ڪيو. تذڪره لطيفي ڀاڱي ٻئي جي ڪرائون سائيز جا 444 صفحا آهن ۽ قيمت 5 رپيا آهي. پهريون ڇاپو، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، اسٽئنڊرڊ پريس، حيدرآباد، مان سال 1956ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 1968ع ۾ شايع ڪيو. تذڪره لطيفي ڀاڱي ٽئين واري ڊيمي سائيز ڪتاب ۾ 442 صفحا آهن ۽ قيمت 2 رپيا 8 آنا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، اسٽئنڊرڊ پريس، حيدرآباد مان، سال 1952ع ۾ ڇپايو


لفظ تذڪره لطفيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو